SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ادبي نظريا


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ادبي نظريا

(Literary Theories)

نظريو ڪن منظم خيالن، تجربن، مشاهدن ۽ تجزين جو نچوڙ هوندو آهي. نظريا سياست کان وٺي ادب تائين مروج آهن. مثال طور سنڌي ٻوليءَ جي اصليت بابت ڊاڪٽر بلوچ (1917-2011ع)جو نظريو يا سراج ميمڻ (1933-2013ع) جو نظريو وغيره. نظريا ادبي به هوندا آهن, ٻوليائي به ته سماجي به آهن. نظرين جو واسطو فلسفي ۽ معاشيات سان به هوندو آهي. اديب ڪڏهن ادبي تحرير ذريعي ڪنهن سچائيءَ جو اعتراف ڪري ٿو، ڪڏهن معاشري يا انسان کي وسريل قدرن جي ياد ڏياري ٿو، ڪڏهن ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندو آهي، ڪڏهن ماڻهن کي تفريح مهيا ڪندو آهي ته ڪڏهن جمالياتي حسن جو فن ذريعي اظهار ڪندو آهي. اهو سڀ ڪجهه هو پنهنجي مخصوص خيال يا نظريي مطابق ڪندو آهي. نظرين ذريعي سچائي، قدرن، تفريح، جماليات وغيره جي ڄاڻ ملي ٿي.


Remember Me Also:

ٻگهاڻي

اسم خاص. هڪ ذات جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڪُتو به ان کي کائي، ڦٽ لعنت به اُن تي.

ڪنهن ڇوڪر کي ڌڪ لڳي يا ڪُتو کائي ته گهر جا ڀاتي اُلٽو کيس ئي ڇڙٻون ۽ دڙڪا ڏيندا آهن، ته ”انڌو هئين ڇا؟ يا ”ڪتي واري پاسي وئين ڇو؟“مثال: ”هڙ به گاسو، لوڪ تماشو.“ (گل شڪر 246)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal