SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ادبي دفاع ۽ معذرت


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ادبي دفاع ۽ معذرت

(Apology)

اهڙي تحرير، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي خيالن جي دفاع ۾ وضاحت ڪري. سقراط پاڻ تي لڳل الزامن جي وضاحت ۾ عدالت اڳيان جيڪو بيان ڏنو ان کي افلاطون ‘The Apology’ جي نالي سان پڌرو ڪيو. افلاطون شاعرن کي پنهنجي آدرشي رياست مان خارج قرار ڏنو هو. ارسطوءَ شاعريءَ جي دفاع ۾ “Poetics” ڪتاب لکيو. فلپ سڊني (1554-1586ع) شاعريءَ جي دفاع ۾ “Apology for Poetry” لکيو. اهڙي طرح علامه آءِ آءِ قاضيءَ (1886-1968ع) جارج برنارڊ شا (1856-1950ع) جي ڪتاب “ڪاري ڇوڪري خدا جي تلاش ۾” جي جواب ۾ اسلامي تصوف جي وضاحت لاءِ “ڀوري ڇوڪري حق جي تلاش ۾” لکيو.


Remember Me Also:

اغراض

ذ. [ع. غَرَضُ جمع اَغراضُ] غرضَ، ، مطلبَ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

جوءِ تي گارِ، سُوئر به نٿو سهي.

سُوئر جي شڪار ۾ شڪاري ٿَم ۾ ٿميل سوئر جا گهٽ جهلي بيهندا آهن، سُوئر ٿم مان نڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر جڏهن ڪو شڪاري کيس جوءِ تي گار ڏيندو آهي ته يڪدم موٽ کائي گار ڏيندڙ شڪاريءَ تي حملو ڪندو آهي.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal