SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اتحاد يا ٻَڌي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اتحاد يا ٻَڌي

Alliance

الائنس

اتحاد ٻن يا ٻن کان وڌيڪ مُلڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ دوستي ۽ سهمتيءَ جو اظهار هوندو آهي. عام طرح ڪي به ٻه ملڪ پنهنجا گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ٻڌي ڪندا آهن. اهڙيءَ ٻڌيءَ جو وقت يا مُدو گڏيل مفادن جي مدي سان واسطو رکي ٿو ۽ هڪٻئي جي مرضيءَ سان طئي ٿئي ٿو. ٻي عالمي جنگ دوران اتحاد جي سوچ تمام گهڻي شهرت ماڻي، ڇاڪاڻ جو ان سان يورپ جي ملڪن ۾ سلامتيءَ جي پڪ ۽ جنگ کي ٽارڻ لاءِ سگهاري هُجڻ جو احساس وڌيو. اتحاد سان پرڏيهي پاليسي، سفارتڪاري ۽ معيشت کي سگهه ملي ٿي. اتحاد پڌرا يا ڳجها توڙي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ملڪن جي وچ ۾ قائم ٿي سگهن ٿا. انهن جا مقصد به هڪ يا وڌيڪ پاسن وارا ٿي سگهن ٿا


Remember Me Also:

پرم

صفت. [سن] اعليٰ ، اُوچو ، اُتم ، مکيه. افضل ، برتر. مڪمل. بي حد. وڏو. پهريون ، اول.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

اڃان ڪي اڳرو، چوڻ کان چؤڻو گهڻو.

چؤڻو= چار ڀيرا وڌيڪ.جنهن ڳالهه کان جهل ڪجي تنهن تي گهڻو زور ڏيڻ، ڪا به نصيحت نه وٺڻ.مثال: ”انهيءَ تِريءَ تيل ئي ڪونهي.“ (پهاڪن جي حڪمت 100)”چَريا ڪئين؟ چي، ويرئون وير وڌ.“ (گلقند 79)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal