SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آفريقي ترقياتي بئنڪ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


آفريقي ترقياتي بئنڪ

AfDB African Development Bank

ايفريڪن ڊولپمينٽ بئنڪ

1964ع ۾ ميمبر آفريقي ملڪن جي مالي سهائتا سان قائم ٿيل اها بئنڪ آفريقي کنڊ سان لاڳاپيل ميمبر رياستن سان مالي سهڪار ڪندي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ حڪومتن ۽ خانگي ادارن کي سڌو سنئون قرض ڏئي ٿي، ته جيئن اُهي غربت گهٽائي پاڻ- ڀرا ٿي سگهن . اها بئنڪ آفريقي ملڪن جي اهڙين ترقياتي رٿائن جي منظوري ڏئي ٿي ، جن ۾ پرڏيهي ناڻي جي صورت ۾ ادائگي ڪرڻي هوندي آهي. انهيءَ بئنڪ جا 51 آفريقي ملڪ ميمبر آهن . بئنڪ جو قيام بيٺڪي راڄ جي خاتمي کان پوِءِ آفريقي سياسي قيادت جي سُجاڳيءَ ۽ سهڪار وارين پاليسين جي نتيجي ۾ عمل ۾ آيو


Remember Me Also:

پٽيدار

ذ. صفت. پٽي وارو. ليس مني لاپي تي کنيل زمين جو مالڪ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڪُتو به ان کي کائي، ڦٽ لعنت به اُن تي.

ڪنهن ڇوڪر کي ڌڪ لڳي يا ڪُتو کائي ته گهر جا ڀاتي اُلٽو کيس ئي ڇڙٻون ۽ دڙڪا ڏيندا آهن، ته ”انڌو هئين ڇا؟ يا ”ڪتي واري پاسي وئين ڇو؟“مثال: ”هڙ به گاسو، لوڪ تماشو.“ (گل شڪر 246)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal