SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آثار قديمه


:جامع سنڌي لغات ۾

آثار قديمه

آثَارِ قَدِيمه

ذ. پراڻايادگار. تَواريخي واقعات جا ڦٽل نشان ، ڀَنَ. ”آثار قديمه جو کاتو“ Deُartment of Archaeology.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

آثار قديمه

(Archaeology)

زماني جي لاهين چاڙهين جو شڪار ٿيل وسندين، ماڳن، مڪانن، شهرن ۽ کنڊرن کي ’آثار قديمه‘ سڏيو وڃي ٿو. آثار قديمه در اصل اينٿراپالاجي (علم الانسان) جي شاخ آهي. هن علم ۾قديم آثارن جي آڌار تي منظم تحقيق ڪري قديم ماڻهن ۽ انهن جي سماجي حيثيت جو اڀياس ڪيو ويندو آهي، هن علم لاءِ خاص طور تي ماڳن جي کوٽائيءَ مان لڌل شين ۽ لکتن جو خصوصي طور تي مطالعو ڪيو ويندو آهي. سنڌو ماٿريءَ جو مورثي سرمايو به انهن دڙن ۽ ڀڙن ۾ پوريل آهي، جن مان ڪي ٿورا کوٽائيءَ جي ڪري نڪري نروار ٿيا آهن. اهي کنڊر ۽ دڙا سڄيءَ سنڌ بلڪ سنڌو ماٿريءَ ۾ پکڙيا پيا آهن، جن ۾ مهرڳڙهه، موهن جو دڙو، هڙپا، چانهونءَ جو دڙو، ڪوٽ ڏجي، آمري، رني ڪوٽ، جهڪر جو دڙو، سيوهڻ جو قلعو، ڀنڀور، ديبل، ٺل رڪڻ، ٺل ڏيپر گهانگهر جا دڙا، منصوره، ڌونرا هنڱورا، شاهه بندر، وغيره اچي وڃن ٿا.


Remember Me Also:

بند ۾ پوڻ

قيد ۾ پوڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڪُتو به ان کي کائي، ڦٽ لعنت به اُن تي.

ڪنهن ڇوڪر کي ڌڪ لڳي يا ڪُتو کائي ته گهر جا ڀاتي اُلٽو کيس ئي ڇڙٻون ۽ دڙڪا ڏيندا آهن، ته ”انڌو هئين ڇا؟ يا ”ڪتي واري پاسي وئين ڇو؟“مثال: ”هڙ به گاسو، لوڪ تماشو.“ (گل شڪر 246)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal